گل محمد آزاد صوفي

گل محمد آزاد صوفي

گل محمد آزاد صوفي

گل محمد آزاد صوفي: شاعر، اديب، حڪيم ۽ استاد گل محمد آزاد صوفي جو اصل نالو سليمان ميمڻ هو. سندس جنم بڪيرا شريف، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ٿيو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول ٽنڊي الھيار ۾ پھرين استاد ۽ پوءِ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. هن نثر ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’پيران پير دستگير‘ (1957ع)، ’الھه دين ۽ ان جو جادوئي چراغ‘ (ٻاراڻو ادب، 1960ع)، ’ام المومنين بيبي خديجه الڪبريٰ رضي الله عنھا‘ (1962ع)، ’بيبي عائشھ صديقه رضي الله عنھا‘ (1962ع)، ’امام ابو حنيفه رضھ‘ (1966ع)، ’دربار نبوي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جا فرمان ۽ فيصلا‘ (سيرت پاڪ، 1964ع)، ’ائٽلس جاگرافي ڏيپلو ۽ مٺي‘ (1954ع)، ’جاگرافي تعلقو ميرپور خاص ۽ سامارو‘ (1956ع)، ’جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد‘ (1955ع)، ’نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو‘ (1966ع) ۽ ’شھيد ڪربلا‘ (شھادت امام حسين عليھ السلام) شامل آهن. ان کانسواءِ بڪيرا شريف مان ”صوفي گزيٽ“ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي. آزاد صوفي کي سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. هن بڪيرا شريف ۾ پنھنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي هزارين ڪتاب موجود هئا، رٽائرمينٽ کان پوءِ 1950ع ڌاري بڪيرا شريف ۾ خانگي شفا خانو قائم ڪيو، جتي في سبيل الله علاج ڪندو هو. آزاد صوفي 1971ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بڪيرا شريف ۾ آهي.


لفظ گل محمد آزاد صوفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو